اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ڪامياب سفارتي ڪوششن ۽ عالمي ميڊيا تي معاملو بهتر اندز ۾ اجاگر ٿيڻ تي دنيا ڪشمير ??ي حوالي سان ڀارت جي بياني کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ڀارت جو مڪروه چهرو ب?? نقاب ڪندو رهندو ۽ هر فورم تي ڀارتي بربريت سامهون آڻيندا رهنداسين. 50 سالن کانپوءِ گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ ڪشمير مسئل?? بحث هيٺ آندو ويو. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”تشدد جو عالمي ڏينهن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي انتهاپسندي“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.