اسلام آب??د ?? 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ڪورونا وائرس بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ رضاڪارن جي ضرورت آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ٽائيگرفو??س جي ذميداري ۾ شامل آهي، ٽائيگر فو??س جي رضاڪارن کي باقاعده ڪارڊز جاري ڪيا ويندا، ٽائيگر فورس مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ به معلومات ڏيندي، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ به ٽائيگر فو??س جا رضاڪار ڪم ڪندا، ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ به رضاڪار فورس پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، پاڪستان وڌيڪ لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، ڪورونا جي ڪري ٽيڪس وصولين ۾ 800 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي آهي، اڳوڻين حڪومتن جي ??رض?? تي وياج جي مد ۾ 5 هزار ارب روپيا ادا ڪري چڪا آهيون، بجيٽ جي تياري جاري آهي، خرچا وڌيڪ گهٽ ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا ٽائيگر فو??س جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.