اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي هدايت ڪئي آهي ته آڊٽ آٽوميشن ج?? عمل کي تيزي سان مڪمل ڪري ته جئين اداري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي، آڊيٽر جنرل اداري جي اندر موجود خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ روڊ ميپ تيار ڪري. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان م??اقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب آڊيٽر جنرل جاويد جهانگير صدر کي اي جي پي آفي?? جي ڪارڪردگي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان اداري جي صلاحيت ۾ بهتري آڻڻ جي قدمن تي بريفنگ ڏني.