اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام کي سستي ۽ پائيدار بج??ي فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ماضي ۾ قابل تجديد توانائي سان ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ ڪيو ويو، مهانگي بج??ي، لوڊشيڊنگ ۽ گردش?? قرض تمام وڏا مسئلا آهن، توانائي شعبي جي گرفت ۾ پورو پاڪستان آهي، توانائي جي شعبي جي مسئلن تي ماضي ۾ ڌيان نه ڏنو ويو، مهانگي بج??ي جو مسئلو حل نه ٿيو ته تمام گهڻا مسئلا جنم وٺندا، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي حڪومت ??قتدار سنڀاليندي ئي انرجي سيڪٽر جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جامع قدم شروع ڪيا، ان حوالي سان مختلف ٽاسڪ فورس قائم ڪيون ويون ۽ هڪ خودمختيار ڪميشن به جوڙيو ويو، رپورٽس جي روشني ۾ آءِ پي پيز سان مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرائي ٿي ۽ گذريل ??ينهن بج??ي جي شعبي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون، گذريل دورن ۾ پاور پلانٽس ته لڳايا ويا پر بج??ي جي ورڇ ۽ پهچ جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ويو. آءِ پي پيز سان ايم او يو تي صحيح بج??ي جي فراهمي طرف پهريون قدم آهي، مقامي سيڙپڪارن کي ايڪٽويٽي ڊالر بدران پاڪستاني روپئي ۾ ڏني ويندي جڏهن ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڊالر ۾ ايڪٽويٽي جي سهولت دستياب هوندي پر منافع جي شرح ۾ گهٽتائي آندي ويندي، ڪيپسٽي پيمنٽس بدران صرف خريد ڪيل بج??ي جي قيمت ??دا ڪئي ويندي جنهن سان گردش?? قرض جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ساڻس وزيراعظم جو پاور بابت خاص مددگار شهزاد قاسم به موجود هو.