اسلام آباد – 06 جول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ، تعميرات ۽ تر??ي بابت قومي رابطا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي جو مقصد تعميرات ۽ تر??ي بابت سرگرمين جو فروغ خاص طور تي نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي تحت معاشري جي گهٽ آمدني وارن ماڻهن ل??ءِ سستا گهر تعمير ڪرڻ آهي، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ڪميٽي جو سربراهه هوندو، وزيراعظم ??يڊيا ونگ موجب ڪميٽي جو سربراهه هفتي ۾ ٻه ڀيرا وزيراعظم کي اجلاس جي ڪارروائي جي اڳ??را??ي کان آگاهه ڪندو.