اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊ??ڪٽ?? ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت هنگامي طور تي رقم جي ورهاست دوران ڪورونا کان بچاءُ لاءِ سخت حفاظتي ??دم کنيا ويا آهن، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ادائيگي مرڪزن تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ادائيگين جي مرڪزن تي ان سلسلي ۾ سينيٽائيزر رکيا ويا آهن جڏ??ن ته معذور ۽ بزرگ ماڻهن لاءِ به خصوصي قدم کنيا ويا آهن، ڪجهه مرڪزن تي اسپري وارا واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا آهن ۽ معذور ماڻهن وٽ وڃي انهن جي بايوميٽرڪ ڪئي پئي وڃي.