اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندي ??نهنجي عزم کي ورجايو آهي ته اسان پاڪستان جي م??جو??ه صديءَ جي سڀ کان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهيون، اسان جي ٽيم ڏينهن رات صورتحال کي مانيٽر ڪري ??هي آهي، وزيراعظم واضح ڪيو ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جيڪو پاڪستان کي ترجيحي بنيادن تي ضروري ??يون مهيا ڪري ??هيو آهي، ڪرونا وائرس جي عالمي، علائقائي ۽ ملڪي سطح تي صورتحال جو جائزو وٺندي ??قت سر قدم کنيا پيا وڃن، عوام جي لاءِ معاشي رليف پئڪيج ان سلسلي جي اهم ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ??زيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته ڪرونا وائرس جي وبا پوري قوم جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي، اسان هر رخ جو باقاعده جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ عوامي مفاد ۾ بهترين فيصلا ڪري ??هيا آهيون.