اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عاشوري جو ڏهاڙو باطل ??ي اطاعت کان انڪار ۽ حق جي سربلندي لاءِ سينو ت??ڻي بيهڻ جو ابدي درس آهي، اسلام اڄ انهن ئي قربانين جي ڪري زندهه آهي، عاشوري جو ڏهاڙو حق ۽ باطل ??ي لازوال معرڪي جي ??اد ڏياري ٿو. عاشوري جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي قوم ج?? نالي پنهنجي ??يغام ۾ وزيراعظم چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي خاندان جي عظيم قرباني حق ۽ باطل ۽ ظالم مظلوم جي ??چ ۾ هڪ لڪير ڪڍي ڇڏي، عظيم امام هڪ اخلاقي اصول قائم ڪيو جنهن خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته حضرت امام حسين رضه بي آوازن جو آواز ۽ اتحاد، اخوت، اخلاق ۽ سچائي جو علمبردار آهي، انهن جي ??زاحمت ۽ بهادري جو پيغام برابري ۽ آزادي جي آ??اق?? اصولن جي بنياد تي انسانيت کي اخلاقي عالمي نظام جي خواهش جو درس ڏيندو رهندو. وزيراعظم چيو ته جڏهن انسانيت ڪيترن ئي چئلينجن مان گذري ٿي ۽ انهن رڪاوٽن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جن ۾ اها پاڻ کي ڏسي ٿي، ان کي حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي ساٿين جي ??ثالي ڪردار مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪو صبر، وفاداري، اتحاد ۽ رواداري جي خوبين وسيلي ورڇ، افراتفري ۽ انتشار جي ??وتن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.