جده _ 21 جون (اي پي پي ) حج سيزن 2024ع جي پُڄاڻي تي حاجين جي پنهنجي مل??ن ڏانهن واپسي جاري آهي. خابرُو اداري مطابق جده جي ڪنگ عبد العزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ تان هيستائين اڍائي لک حاجي واپس روانه ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه مدي??ه منوره ايئر پورٽ تان پڻ حاجين جي روانگي جاري آهي. مدي??ه منوره جي امير محمد بن عبد العزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ تي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي ترجمان ميجر ن??صر العتيبي چيو آهي ته ايئر پورٽ تي ڪائونٽرز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڊيپارٽمنٽ ۾ ڪم ڪندڙ مرد ۽ عورتن پوري محنت سان حاجين جي روانگي جي عمل کي تيز ۽ آسان بڻايو آهي. مدي??ه منوره ايئر پورٽ تي پاسپورٽ کاتي جي ڪائونٽر ويجهو حاجين لاءِ قرآن پاڪ جو نسخو سندن زبان ۾ رکيو ويو آه?? ج??ڪو روانگي جي وقت هر حاجي کي فراهم ڪيو وي??دو .