فيصل آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي آزادي جي لاءِ عالم س??ور?? تاريخي ۽ شاندار ڪردار ادا ڪيو تنهن ڪري اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي ملڪي ترقي، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ جو وچن ڪرڻ ۽ موجوده حا??تن ۾ سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي هڪ قومي ايجنڊا تي گڏ ٿيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو ا??هار پاڪستان سني تحريڪ جي ڊويزنل صدر پروفيسر پير محمد آصف رضا قادري فيصل آباد ۾ سدا سلامت پاڪستان قيامت تائين پاڪستان ريلي جي ش??ڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آزادي جو ح??يق?? مقصد اسلام جي اصول ۽ قانونن جي پيروي ڪرڻ آهي ۽ جيئن ته ملڪ پاڪستان نظرياتي بنيادن تي وجود ۾ آيو ان لاءِ ان جي آزادي، خودمختياري ۽ ٻه قومي نظريي جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو. هن چيو ته پوري قوم پاڪستانين جي بانين جي ملڪ جي آزادي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي.