اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ??ينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. بجيٽ تي عام بحث دوران وزيراعظم ايوان ۾ ڪافي دير تائين ويٺل رهيو. قومي اسيمبلي اچڻ تي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر احمد حسين ڊيهڙ جي بجيٽ تي تقرير غور سان ٻڌي ۽ هڪ موقعي تي ذاتي وضاحت پڻ ڪئي. ان دوران مسلم ليگ (ن) جي ڪيترن ئي ميمبرن وزيراعظم سان قائد ايوان جي سيٽ تي و??ي ملاقات پڻ ڪئي.