نيويارڪ – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي ترڪ هم منصب مو??لت ڪاوو سوگلو سان عالمي تحفظ خوراڪ جي لاءِ حڪمت عملي جي حوالي سان منعقد وزارتي اجلاس جي مو??عي تي ملاقات دوران ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شاندار ۽ ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي ترڪيءَ سان پنهنجي وسيع البنياد تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هن سال نومبر ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي اصولي مو??ف تي ترڪ حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن ترڪ پرڏيهي وزير کي و??لا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ نام نهاد حدبندي ڪميشن جي حوالي سان پاڪستان جي مو??ف کان آگاه ڪيو. هن مختلف عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي حمايت کي ساراهيو. هن ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو راب??و برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.