اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيندي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خ??اهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا ريجن جي نائب صدر مس??ر هارٽ و?? شيفر ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نائب صدر جي آجيان ڪندي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ڌرين جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن خاص طور تي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خ??اهش جو اظهار ڪيو. ڌرين ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي پڻ اتفاق ڪيو.