اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف قوم تي زور ڏنو آهي ته هاڻي ڪم تي ڌيان ڏنو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته عوام عيد جون موڪلون پنهنجي گهرڀاتين سان سٺي طريقي سان گذاريون ۽ آرام به ڪري ورتو، هاڻي اسان کي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. عيد جي چئن موڪلن کانپوءِ جمعي ڏينهن آفيسون کلي ويون ۽ ڪاروبار زندگي به بحال ٿي ويو. وزيراعظم شه??از شريف جيڪو هڪ بهترين منتظر ۽ ڪم کي تيزي سان سرانجام ڏيڻ ۽ پڄاڻي تائين پهچائڻ جي شه??ت رکندڙ آهي، قوم کان به اميد رکون ٿا ته اها ان جي پيروي ڪندي ملڪي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ محنت، ل??اءُ ۽ جانفشاني سان ڪم ڪري. وزيراعظم جنهن عيد جون موڪلون لاهور ۾ گذاريون، ??معي ڏينهن صبح سوير اسلام آباد پهچي ويو ۽ پنهنجي آفيس ۾ پنهنجي فرضن جي ادائيگي شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ لاهور ميٽرو مان فائدو کڻندڙ عام ماڻهن جي ڪهاڻي جي عڪاسي ڪندڙ فيضان احمد جي ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته فيضان احمد لاهور ميٽرو سان عام ماڻهو کي ملندڙ سفري سهولت کي بهترين طريقي سان اجاگ?? ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ان عڪاسي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.