لاهور – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبر سعد وسيم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ لاڳاپيل تڪ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران قومي اسيمبلي ميمبر سعد وسيم وزيراعظم کي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب دورن تي مبارڪباد ڏني ۽ ترقياتي ڪمن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ ??ي هدايتن ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ ??ي خراج تحسين پيش ڪيو.