اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريا سان پنهنج?? لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آسٽريا کي يورپي يونين جو اهم ملڪ سمجهي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته دوري سان ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ۾ مدد ملندي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته تازو ئي وزيراعظم آسٽريا جي چانسلر ڪارل نيهمر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻطرف?? لاڳاپن جي مختلف رخن تي گفتگو ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافي جا وسيع امڪان ??وج??د آهن، آسٽريا جي ڪمپنين ج?? لاءِ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهتر??ن موقعا ??وج??د آهن، سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زو??ز، آسٽريا جي سيڙپڪارن ج?? لاءِ پرڪشس مراعتن ۽ ٽيڪس جي چوٽ جي پيش نظر سيڙپڪاري جا پُرڪشش موقعا ??وج??د آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي اميد آهي ته آسٽريا هن سال جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي چوٿين ٻه ساله جائزي ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي ۽ پيشيوراڻي شعبن ۾ مضبوط رابطا ??وج??د آهن.