اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? حڪومتي ادارن جو ڪم عوام کي سهو??ت فراهم ڪرڻ ۽ عوامي شڪايتن جو ترجيحي بنيادن تي ازالو ڪرڻ آهي، خيبرپ??تو??خوا ۾ بجلي جي پهچ واري نظام جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ادارن ۾ مقررين ۾ ميرٽ جي بالادستي ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپ??تو??خوا صوبي ۾ پيسڪو جي مسئلن تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مراد سعيد، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، خيبرپ??تو??خوا جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا، شوڪت يوسف زئي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان خيبرپ??تو??خوا صوبي ۾ اسيمبلي ميمبرن جي شڪايت تي پيسڪو جي مسئلن تي نوٽيس وٺندي چيو ته حڪومت لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بجلي چور جي روڪٿام لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، پيسڪو بابت مسئلن تي اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي لوڊشيدنگ ۽ مانيٽرنگ سسٽم، بجلي چوري ۽ ان جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن ۽ پيسڪو ۾ افرادي قوت جي کوٽ ۽ نئين مقررين تي ت??صيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيسڪو ۾ لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومت بجلي جي پهچ واري نظام ۾ بهتري جو جامع منصوبو تيار ڪيو آهي جنهن کانپوءِ گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ گهربل بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي سگهبي. بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ به ترجيحي بنيادن تي سمورا قدم کنيا پيا وڃن، اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پيسڪو ۾ افرادي قوت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مقررين جو شفاف نظام يقيني بڻايو پيو وڃي، لوڊشيڊنگ کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڊجيتل نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان هر فيڊر تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي پل پل مانيٽرنگ ممڪن ٿي سگهندي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو خاتمو ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم جاري قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي.