بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزير??عظ?? عمران خان اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزير??عظ?? سان ملاقاتون ڪندو جڏهن ته وزير??عظ?? اڄ صدر شي جن پنگ پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ پڻ شريڪ ٿيندو، اڄ وزير??عظ?? سان ڪراچي ۽ فيصل آباد ۾ پاڻي جي منصوبن جي حوالي سان چيني سيڙپڪارن جون ملاقاتون ٿينديون، ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبي، حب ڪينال جڏهن ته فيصل آباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي آهي. وزير??عظ?? عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزير??عظ?? اڄ چين جي صدر پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو، وزير??عظ?? عمران خان جي اڄ شام جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزير??عظ?? سان ملاقات ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چين جي سرم??ئي اولمپڪس ۾ پاڪستان جي ٽيم پهريون ڀيرو شريڪ ٿي، پاڪستاني ٽيم جي چين جي عوام پاران شاندار آجيان ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي اظهار تي ٻڌل آهي. چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزير??عظ?? عمران خان جي ٿنڪ ٽينڪس سان به ملاقات ٿي، وزير??عظ?? زور ڏنو ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته وزير??عظ?? سڀاڻي چين جي صدر شي جن پنگ سان ون آن ون ملاقات ڪندو، صدر شي سان اڄ مانجهاندي ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ان ملاقات ۾ پاڪستان جي مستقبل جي لاڳاپن جي حوالي سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اڄ وزير??عظ?? سان پاڪستان جي اقتصادي لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.