اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 5 جنوري 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀارت کي چيو هو ته هو ڪشميرين کي پ??هن??ي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ خود مختياري جو موقعو فراهم ڪري، اڄ س??ي دنيا سميت ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن ۾ اه?? ڏينهن ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. مملڪتي وزير فرخ حبيب 5 جنوري خودمختياري جي ڏينهن جي موقعي تي پ??هن??ي خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀارت کي چيو ويو هو ته هو ڪشميرين کي پ??هن??ي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ خود اراديت جو موقعو فراهم ڪري. مملڪتي وزير چيو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ پاڻ ڀارت کڻي ويو هو ۽ ڀارت متفقه قرارداد جي ذريعي س??ي دنيا سان وچن ڪيو هو ته هو ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏيندو. هن چيو ته ڪشمير جي بي گناهه پر غيور عوام ڀرپور جذبي سان تحريڪ هلائي، فرخ حبيب چيو ته ڀارتي فوج ڪشميرين جي خلاف رياستي دهشتگردي جو بدترين سلسلو جاري رکيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته يورپي يونين سميت عالمي برادري ڀارت ت?? زور ڏنو آهي ته هو والاريل رياست ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ ان مسئلي جو ڪو اهڙو حل ڪڍيو وڃي جيڪو سمورين ڌرين لاءِ قبول جوڳو هجي.