اسلام آباد -03 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس گلزار احمد سان ڪرڪ ۾ تيري مندر جي دوري تي آيل مختلف ملڪن جي هندو ياترين جي و??د هتي سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي. عدالت سڳ??ري پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق چيف جسٽس هندو ياترين جي و??د جي آجيان ڪئي. وفد سان ڳالهائين??ي چيف جسٽس چيو ته پاڪستا?? ۾ ??ذهبي برداشت آهي، پاڪستا?? ۾ ??ر شهري کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي، پاڪستان جون ع??التون بنيادي حقن جون محافظ آهن. پاڪستان جي عدالتن هميشه پاڪستان جي آئين تحت اقليتي برادري جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان هندو ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار به موجود هو جنهن چيف جسٽس گلزار احمد کي و??د جي باري ۾ ٻڌايو. ڊاڪٽر رميش ڪمار ڪرڪ ۾ تيري مندر جي بحالي لاءِ چيف جسٽس گلزار احمد جي قدمن جي به واکاڻ ڪئي. وفد ملاقات لاءِ وقت ڏيڻ تي چيف جسٽس جا ٿورا مڃيا.