اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ پ??ري قوم اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪري رهي آهي، ان سانحي پ??ري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، ايس پي ايس سانحي جي شهيدن جي س??ين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ فرخ حبيب چيو ته حڪومت سميت پ??ري قوم ايس پي ايس شهيدن جي پوئينرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اي پي ايس جي معصوم هيروز جي قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي پ??ري قوم کي متحد ڪ??ي ڇڏيو، پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏنيون. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش نه آهي، اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي، جنهن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري امن قائم ڪيو آهي.