اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ٽيليفون ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳ??پن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ??يو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ مڪ??ل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي جي جلد تڪميل جي ذريعي ٻطرفي اقتصادي لاڳ??پن کي ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان علائقائي خوشحالي لاءِ رابطي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ??يو. ازبڪ صدر وزيراعظم پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳ??پن سميت مختلف شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ ف??وغ حاصل ٿيندو.