اسلام آباد – 02 –; آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ناليواري اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ صدر چيو ته عمر شريف منفرد مزاح جو مالڪ هو. هن چيو ته عمر شريف ڪاميڊي جي دنيا ۾ پنهنجو جدا مقام ٺاهيو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل ڏي.