اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل الثاني ملاقات ڪئي ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حم?? الثاني پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ قطر جي لاڳاپن ??ي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو.