اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه صوبي ۽ پنجاب صوبي جي يونيورسٽين جي انتظامي معاملن، تدريسي عمل جي معيار، مالي معاملن ۾ شفافيت، ميرٽ تي عملدرآمد جي معاملن تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم وا??ي وفاقي وزير شفقت محمود، پنجاب جي گورنر چوڌري سرور، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي تعليم وا??ي صوبائي وزير راجا ياسر همايون ۽ خيبرپختونخواهه جي تعليم وا??ي وزير ڪامران بنگش شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پڻ اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.