ڪراچي – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائداعظم ??ڪي??مي جي لائبريري ?? سمورن ناياب ڪتابن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪالرز ۽ محققن جي انهن تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم ??ڪي??مي ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا ملڪ حاصل ڪ??ڻ جي جدوجهد ۾ شامل سندس ساٿين جي حوالي سان تحقيق جي لاءِ مرڪز قائم ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته اهو قومي تاريخ کي محفوظ بڻائڻ جو انتهائي اهم پليٽ فارم آهي جنهن ۾ بنيادي ڌيان پاڪستاني ثقافت، سماجيات، سياست ۽ ملڪي تاريخ جي اقتصادي رخن جي حوالي سان تحقيق، اشاعت ۽ ترويج تي آهي. صدر اڪيدمي جي پهرين ڊائريڪٽر پروفيسر شريف المجاهد ۽ ٻين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان کي هڪ فعال تحقيقي ۽ اشاعتي مرڪز بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ??ڪي??مي ۾ تحقيقي ڪم جي رفتار تيز ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. قائداعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ قائداعظم ??ڪي??مي جي ڊائريڪر صدر کي بريفنگ ڏني. صدر کي ??ڪي??مي جي انتظامي معاملن ۽ خاص طور تي تحقيق ۽ اشاعت جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو ويو. صدر کي ٻڌايو ويو ته ??ڪي??مي قائم ڪرڻ کانپوءِ هيستائين انگريزي، اردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين ۾ 80 ڪتاب شايع ڪيا ويا جيڪي رعايتي اگهن تي فراهم ڪيا پيا وڃن.