اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته پوري قوم مڇ سانحي تي ڏکويل آهي، مڇ سانحي تي سياست نه ڪرڻ گهرج??، ان مسئلي تي اسان سڀني کي هڪ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ضرور ويندو ۽ مڇ سانحي جي متاثرين ??ان ملاقات ڪندو، اسان جي پهرين ??رجيح آهي ته دهشتگردي جا واقعا آئنده نه ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان جا دشمن ملڪ ۾ افراتفري جي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن 7 فوجي اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، انهن جو ڪنهن برادري سان تعلق نه هو، ان طرح جي واقعن جو مقصد صرف ملڪ ۾ خوف ۽ بي يقيني جي صورتحال پيدا ڪرڻ هوندو آه??، ان صورتحال ۾ اسان سڀني کي گڏجي اهو سوچڻ گهرجي ته ان سڄي صورتحال کي ڪهڙي طرح منهن ڏنو وڃي. هن ??يو ته ڪوئيٽا جي علائقي مڇ ۾ ٿيندڙ واقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پوري قوم ڏکويل آهي.