اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر غيرذميواري جو ثبوت ڏيڻ تي بضد آهي، انهن جو جلسو ڪرڻ تي بضد هجڻ انهن جي غيرجمهوري سوچ ۽ غيرذميواراڻي رويي جي عڪاسي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عدالتي ۽ حڪومتي حڪمن کانپوءِ جلسا منعقد ڪرڻ جو ڪ?? قانوني ۽ اخلاقي جواز نه ٿو بڻجي.