اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي سي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، اين ٽي سي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر برگيڊيئر (ر) وقار راشد ??ان اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار کي آگاهه ڪيو. هتي جاري ڪيل هڪ پر??س رليز موجب وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر اين ٽي سي هيڊڪوارٽر ۾ نيشنل ڊيٽاسينٽر جو دورو ڪيو ۽ اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪلاوڊ بيسڊ III، آءِ ايس او 27001 سرٽيفائيڊ نيشنل ڊيٽا سينٽر(اين ڊي سي) جي قيام کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته حڪومت طرفا?? شروع ڪيل احساس پر??گرام پوئتي پيل عوام جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ هيستائي?? شروع ڪيل سڀ کان وڌو پر??گرام آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پر??گرام پاڪستان جي مستحق شهرين جي سهولت جي لاءِ متحرڪ ڊجيٽل سوشل ايڪو سسٽم تي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال شفافيت ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت طرفا?? شروع ڪيل پر??گرام کي موثر بڻايو آهي.