اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون ??ي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڪوويڊ 19 جي خ??اف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ا??داد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي ساراهيو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ جي صدر رج?? طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. ترڪيءَ جي صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ??يو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آيا صوفيه کي نماز جي لاءِ ٻيهر کولڻ تي صدر اردوان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪيءَ جي صدر کي ٻڌايو ته لکين پاڪستانين ٽيليويزن تي ا??و منظر سڌوسنئون ??ٺو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ??ائونسل جي ڇهين اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ جي صدر طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ??ي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي خ??اف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ا??داد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي سارهيو.