اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پهريون نشان حيدر ماڻيندڙ ڪيپٽن سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن پ??هن??ي بي مثال جرئت ۽ بهادري سان تاريخ لکي. پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ تي قربان ٿيندڙ بهادر پٽ قوم جو فخر آهن، قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي. واضح رهي ته ڪيپٽن راجا محمد سرور ڀٽي 27 جولاءِ 1948ع تي شهادت ماڻي هئي.