اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب چيو آهي ته ڪشمير مس??لي تي عالمي برادري ستل هئي، وزيراعظم عمران خان دنيا کي ڪشمير مس??لي جي حساسيت جو احساس ڏياريو آهي، مودي جو فاشسزم پوري دنيا آڏو ظاهر ٿي ويو آهي، موجوده حڪومت ڪشمير مس??لي جي حوالي سان صح??ح رخ طرف گامزن آهي ۽ مون کي پورو يقين آهي ته تمام جلد ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمز تي موثر ان??از سان ڪشمير مس??لي کي اجاگر ڪيو آهي، دنيا اڳ ۾ ان مس??لي تي سمهي پئي هئي ۽ اها ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جو ان??روني مس??لو سمجهندي رهي هئي پر هاڻي اها ڳالهه ناهي رهي. منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم عمران خان گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران دنيا کي ان مس??لي جي حساسيت بابت احساس ڏياريو جنهن کانپوءِ دنيا ۾ ڪشمير مس??لي جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي، ان??اني حقن جون تنظيمون، پوري يورپي يونينز ۽ گڏيل قومن جا ٻيا ادارا به ڪشمير مس??لي تي ڳالهه ڪري رهيا آهن.