اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورن صوبائي وڏن وزيرن طرفان ڪيل فيصلن تي عملدرآم?? لاءِ مروجه پلان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي موڪليا وڃن ته جيئن فيصلن تي عملدرآمد کي موثر ۽ يقيني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ اين سي او سي ڪيل فيصلن تي آئنده جي لائحه عمل، سياحت جي شعبي کي کولڻ بابت تجويزن ?? ايس او پيز تي عملدرآمد جي حوالي سان غور ڪيو، اسد عمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي چيف سيڪريٽريز سان عملدرآم?? لاءِ جوڙيل لائحه عمل اين سي او سي ۾ پيش ڪيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته بازار، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبا انتهائي خطرناڪ جايون آهن جتي ڪورونا ج?? پکڙجڻ جو خدشو تمام گهڻو آهي جنهن جي لاءِ ايس او پيز تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.