اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي خوبصورتي قابل ديد آهي، علائقي ۾ امن قائم ٿيڻ جي ڪري گذريل سال 20 لک ??وم?? ۽ عالمي سياحن علائقي جو رخ ڪيو. نلتر ۾ ونٽر اسپورٽس فيڊريشن آف پاڪستان ۽ پاڪ فضائيه جي حصيداري سان جاري ونٽر اسپورٽس جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيث??ت سان خطاب ڪندي هن چيو ته گلگت ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل اڏامون شروع ڪرڻ، علائقي ۾ رستن جي صورتحال بهتر بڻائڻ، ٽيلي مواصلات ۽ انٽرنيٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي.