ڪراچي – 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ??يمڻ چيو ??ھي ته سامونڊي طوفان بائپرجوائي جي نقصان جي خدشي سبب امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن مان ماڻھن کي رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو ??ھي، ڪراچي ۾ ماڻھو سمنڊ ڪناري جو رُخ نه ڪن ۽ حڪومتي ادارن جي ھدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ سھڪار ڪن. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالھائيندي شرجيل انعام ??يمڻ چيو ??ه ڪنھن به ايمرجنسي جي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ريسڪيو 1122 موجود آھي، پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينون گھرايون ويون آھن، (اڄ) جمعي تي تيز مينھن جي اڳڪٿي آھي، ھنگامي صورتحال ۾ عوام ??اءِ ايمرجنسي نمبر جاري ڪيا ويا آھن. ھن چيو ??ه ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي سامونڊي علائقن مان 78 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو ??ھي، 93 سيڪڙو آبا??ي محفوظ ھنڌن تي منتقل ٿي چُڪي آھي، سامونڊي علائقن ۾ پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿي چُڪو آھي، حڪومت جي وقت سِر انتظامن سبب ڪوبه وڏو نقصان ناهي ٿيو، ٺٽي ضلعي ۾ ماڻھن کي رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو ??ھي. ھن شھرين کي گذارش ڪئي ته ماڻھو ڪراچي جي سمنڊ ڏانھن رُخ نه ڪن ۽ حڪومت سان سھڪار ڪن. ڪراچي ۾ ميئر جي چونڊ جي حوالي سان ڳالھائيندي شرجيل انعام ??يمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي جا ماڻھو نفرت جي سياست کي دفنائڻ وڃي رھيا آھن، جماعت اسلامي جھڙي فاشسٽ پارٽي شاگردن جي ھٿن ۾ ھٿيار ڏنا، جماعت اسلامي چاھي پئي ته پيپلز پارٽي کين پي ٽي آءِ جا ووٽ ڏياري، جمھوري روايتن موجب اسان رڳو پنھنجي لاءِ ووٽ گھري سگھون ٿا، ڪنھن ٻئي لاءِ نه، پي ٽي آءِ جا ماڻھو پنھنجن گھرن ۾ موجود آھن جيڪڏھن اُھي ووٽ نه ٿا ڏين ته اسان ڇا ٿا ڪري سگھون. اسان ڪراچي کي وڏيون وڏيون رٿائون ڏنيون، اھوئي سبب آھي ته ماڻھو پيپلز پارٽي کي چاھين ٿا، جماعت اسلامي ٻڌائي ته هنن ڪراچي کي ڇا ڏنو آھي.؟ ھن چيو ??ه جيڪڏھن پي ٽي آءِ وارا اسان جي ڳالھه ٻڌن ھا ته اسان کي ووٽ ڏين ھا، حافظ نعيم جي لاءِ ڪيئن ووٽ گھرون، ھُو سمجھي ٿو ته جيڪڏھن ڪنھن حافظ نعيم کي ووٽ نه ڏنو ته اُن کي روڪيو ويو ھوندو. شرجيل انعام ??يمڻ جو چوڻ ھو ته جماعت اسلامي کي شڪست ٿي چُڪي آھي، مرتضيٰ وھاب کٽي چُڪو آھي، جماعت اسلامي جيڪڏھن غنڊا گردي ڪندي ته ڪنھن کي به قانون ھٿن ۾ کڻڻ نه ڏنو ويندو، پر??من احتجاج قانون جي دائري ۾ رھي ڪيو وڃي، ڪنھن ڀڃ ڊاھه ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ حڪومت ڪنھن کي قانون ھٿن ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيندي. ڪراچي جي ميئر طور مرتضيٰ وھاب جي چونڊ جي خبر بع?? سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالھائيندي شرجيل انعام ??يمڻ جو چوڻ ھو ته جيڪو کٽڻ وارو ھوندو آھي ، اُھو ڪڏھن به ناھي وڙھندو، جماعت جي طرفان بسون ڀري غنڊا گھرايا ويا، گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو، 10 ماڻھو زخمي ٿيا. ھن چيو ??ه پيپلز پارٽي سدائين پر??من سياست ڪئي آھي، پيپلز پارٽي ڪڏھن به ڪنھن تعصب پر??تي جو مظاھرو ناھي ڪيو، پر جماعت اسلامي جيڪو ڪجھ ڪيو ??ھي اھو مذمت جوڳو عمل آھي. ھن چيو ??ه ڪنھن به گڙٻڙ يا غنڊا گڙدي جي ڪوشش ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو، پي ٽي آءِ وارن جماعت اسلامي کي ووٽ نه ڏنو ته پيپلز پارٽي کي به نه ڏنو، ھڪ ڳالھه بلڪل چٽي آھي ته مڪاني چونڊن ۾ جماعت اسلامي کي شڪست ٿي آھي. شرجيل انعام ??يمڻ جو چوڻ ھو ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين اڄ ڪلھه چِلو ڪاٽي رھيو ??ھي، ھن ماڻھن جي ذھنن سان راند ڪئي، ماڻھن سان غلط ڳالھيون ڪيون ۽ ڪوڙ ڳالھايو، اڄ اُن شخص جي ڪري ماڻھو جيلن ۾ پيا آھن. ھن چيو ??ه اسان کي جيل ۾ قيد ماڻھن سان ھمدردي آھي، ڪوبه دھشتگرد پيدا ناھي ٿيندو اُن کي گمراھ ڪري اُن دڳ تي آندو ويندو آھي.