اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) عربي س??نڊ مان اُٿندڙ انتهائي شدي?? سامونڊي طوفان بپر جوائي سامونڊي علائقي پهچي ويو. طوفان جو ڪيٽي بندر کان مفاصلو گهٽ ٿي 150 ڪل??ميٽر رهجي ويو آهي. اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل تفصيلن مطابق بپر جوائي ڪراچيءَ مان 230 جڏهن ته ٺٽي مان 235 ڪل??ميٽر ڏکڻ طرف آهي. طوفان جي سطح تي هوائن جي رفتار 120 کان 140 ڪل??ميٽر في ڪلاڪ آهي، جڏهن ته ان جي مرڪز ۾ 150 ڪل??ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن. ڪراچيءَ سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي ويجهن سامونڊي علائقن ۾ تيز طوفان ۽ شديد برساتن جي صورت ۾ اثر پئجي سگهن ٿا. طوفان جو رُخ اُتر اوڀر طرف رهندو ۽ اڄ شام جو ان جي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري علائقي ۾ ٽڪرائڻ جا امڪان آهن.