اسلام آب??د – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي ل??ءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مو?? کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي ل??ءِ فنڊز رکيا ويا آهن. فلم فنانس فنڊ جي ل??ءِ 2 ارب رپيا ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي ل??ءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته مو?? کي يقين آهي ته گڏيل طور تي اهي قدم اسان جي فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ فنڪارن جي ڀلائي ?? اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اهو قدم فلمن جي ذريعي پاڪستان جي بيانيي، ورثي ۽ ثقافت جي فروغ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي ترقي ?? اهم ڪردار ادا ڪندو.