لاهور – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ معيشت جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي، صنعتي شعبي جي پيداوار ۽ ??وا??گي واپار وڌائڻ جي لاءِ قدم بجيٽ جو حصو هوندا، گذريل حڪومت پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف مع??هدو ٽوڙيو جنهن جو خميازو 22 ڪروڙ عوام خاص طور تي صن??تن کي ڀوڳڻو پيو، اسان سڀ گڏجي ان مع??شي مشڪل مان نڪري رهيا ??هيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنعتي شعبي جي حوالي سان بجيٽ تجويزن تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ معيشت جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته صنعتي شعبي جي پيداوار ۽ ??وا??گي واپار وڌائڻ جي لاءِ قدم بجيٽ جو حصو هوندا، آئون پاڻ يقيني بڻائيندس ته صنعتي شعبي جون تجويزون بجيٽ جو حصو بڻايون وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملد??رن کي هدايت ڪئي ته ننڍي، وڏي ۽ برآمدي صن??تن جي پيداوار ۾ اضافي جي وچ ۾ ايندڙ سمورين ضروري رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل حڪومت ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي کي روڪيو، گذريل حڪومت پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف مع??هدو ٽوڙيو جنهن جو خميازو 22 ڪروڙ عوام خاص طور تي صن??تن کي ڀوڳڻو پيو. هن چيو ته قومن جي زندگي ۾ مشڪلاتون اينديون آهن، پاڪستاني قوم باهمت قوم آهي، اسان سڀ گڏجي ان مع??شي مشڪل مان نڪري رهيا ??هيون. هن چيو ته حڪومت، پوري قوم، صعتڪار ۽ ڪاروباري شخصيتون گڏجي پاڪستان جي بهتر حالتن لاءِ محنت ڪري رهيا ??هن. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سال شرپسند عنصرن ڪڏهن لانگ مارچ ته ڪڏهن شارٽ مارچ ۽ ڌرڻن سان ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، 9 مئي جي واقعن نه رڳو ملڪ ۾ شر پکيڙيو پر پاڪستان کي شديد مع??شي نقصان پهچايو. هن چيو ته حڪومت صن??تن کي سستي توانائي فراهم ڪري انهن جي پيداواري لاڳت وڌيڪ گهٽ ڪندي، حڪومت اهو به يقيني بڻائيندي ته بئنڪون ننڍين صن??تن کي آسان شرطن تي قرض فراهم ڪن. وزيراعظم شهباز شريف صلاحڪار احد چيما کي اجلاس ۾ صنعتڪ??رن پاران ڏني ويندڙ تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ناليوارا صنعتڪار ۽ سيڙپڪار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، احسن اقبال، مخدوم مرتضيٰ محمود، انجنيئر خرم دستگير خان، پيٽروليم واري مملڪتي وزير داڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص مع??ونين طارق باجوه، جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبر قيصر شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملد??رن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران مختلف شعبن پاران تجويزون پيش ڪيون ويون. ان کانسواءِ صنعتڪ??رن ۽ سيڙپڪ??رن پڻ ملڪي ??وا??گي واپار وڌائڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل عملد??رن کي انهن تجويزن تي تفصيلي ورڪنگ ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.