اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ٻطرفن لاڳاپن ۽ خاص طور تي واپار جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪ ايران سرحد تي ”مند پشين بارڊر مارڪيٽ“ جي افتتاح کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وفدن سان ملاقات ٿي. پاڪستان جي وفد ۾ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي و??ير انجنيئر خرم دستگير خان، اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب، پيٽروليم وارو مملڪتي و??ير ڊاڪٽر مص??ق ملڪ، بلوچستان جو وڏو و??ير عبدالقدوس بزنجو، بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه سردار اختر مينگل، بلوچستان عوامي پارٽي جا پارلياماني ميمبر سردار خالد حسين مگسي ۽ زبيده جلال شامل هئا.