ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفي?? موجب افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ??ي چوٿين اجلاس جي موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سان مملڪتي وزير جي ملاق??ت ۾ ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي ات??اق ڪيو. هنن واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ غذائي تحفظ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي اهميت تي ات??اق ڪيو. ملاق??ت ۾ پرامن، مستحڪم، خودمختيار ?? خوشحال افغانستان جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهي مشاورت جي اهميت تي ات??اق ڪيو ويو. ڌرين شنگهائي تعاون تنظيم تحت مختلف اقتصادي قدمن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو.