اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??ڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، ماضي جي حڪومت صحا??ين تي بي شمار ۽ بي بنياد ڪيس قائم ڪيا، اسان ڪنهن صحافي جي خلاف انتقامي رويو ناهي رکيو. هو جهنگ پريس ڪلب ۽ جهنگ يونين آف جرنلسٽس جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 4 سالن ۾ صحا??ين سان ڪيل زيادتين جو هڪ سال ۾ ازالو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ??طلاعات ۽ نشريات واري وزارت صحافين، م??ڊي?? ورڪرز جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صحا??ين جون پيشيواراڻيون صلاحيتون وڌائڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت ٽريننگ پروگرام جوڙيا آهن. هن چيو ته چار سالن جو ڪارو دور ختم ٿي چڪو آهي جتي پروگرام، ڪالم ۽ چينل بند ڪيا ويندا هئا. هن چيو اميد ڪريون ٿا ته ??هنگ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت اتان جي صحا??ين جي ڀلائي لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. ان کان اڳ اطلاعات واري وزير جهنگ پريس ڪلب جي صدر لياقت علي انجم، سيڪريٽري خرم سعيد سميت 11 رڪني باڊي کان حلف ورتو.