ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر ثمرقند ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي و??ير سيدوف باختيور اوديلووچ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ دوستاڻن لاڳاپن خاص طور ت?? رابطن، واپار ?? سيڙپڪاري کانسواءِ عوام?? رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ان منصوبي جي وقت سر مڪمل ٿيڻ سان علائقائ?? رابطن ۾ اضافو ٿيندو. ملاقات جي موقعي تي ٻنهي طرفن اقتصادي، واپاري ?? سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي مٽاسٽا جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر ۽ ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي و??ير ملاقات ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ??چ م ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) کي جلد فعال ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.