اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 9 اپريل آچر ڏينهن صوبائي ??سي??بلين جي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن (1) 57 تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي ??سي??بلين جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو. ??در چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ جي سيڪشن (2) 57 تحت اليڪشن جو پروگرام جاري ڪيو وڃي. ??در چيو ته هن آئين تح?? آئين جي تحفظ ۽ دفاع جو حلف کنيو آهي جيئن ته ڪنهن به عدالتي فورم پاران ڪو منع نامو نه آهي تنهن ڪري سيڪشن (1) 57 تحت ??در جي اختيار جي استعمال ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي. هن چيو ته آئين ۽ قانون 90 ڏينهن کان وڌيڪ جي دير جي اجازت نٿو ڏي، ان لاءِ آئين جي خلاف ورزي کان بچڻ جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو پنهنجو آئيني ۽ قانوني فرض اد?? ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ??در چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا گورنرز صوبائي ??سي??بلين جي تحليل کانپوءِ 90 ڏينهن جي اندر چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري اد?? نه ڪري رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان به پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ??سي??بلين جون چونڊون ڪرائڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري پوريون نه ڪري رهيو آهي، ان طرز عمل سان دير ۽ آئيني شقن جي خلاف ورزين جو سنگين خطرو پيدا ٿي رهيو آهي. ??در چيو ته اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي آئيني عهديدارن جا نالا پنهنجي مختلف خطن ۾ چونڊن جي امڪاني تاريخن جو اشارو ڏئي چڪو آهي، انهن خطن ۾ 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ جي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته ??سي??بلين جي عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جو سنجيده عمل شروع ڪيو پر اليڪشن ڪميشن ان موضوع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. ان لاءِ ??در جي طور سيڪشن (1) 57 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبائي ??سي??بلين جي عام چونڊن جي لاءِ 9 اپريل 2023ع آچر جي تاريخ جو اعلان ڪري رهيو آهيان.