ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري سوات جي سينيئر جيالي عبدالواحداف جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلا??ل ڀٽو زرداري پيپلز يو?? آرگنائيزيشن جي اڳوڻي ض??عي صدر عبد??لس??ام، محمد لقمان ۽ زوهيب حسن ايڊووڪيٽ سان سندس ڏاڏي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن تعزيتي پيغام ۾ چيو ته حاجي عبدالواحداف جون پارٽي جي لاءِ خدمتون ۽ قربانيون ڊگهيون آهن، مرحوم پارٽي قيادت ۽ جيالن جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندو، دعاڳو آهيان، الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.