لاهور – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت زرعي ٽيوب ويل?? جي شمسي توانائي تي جلد منتقلي جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ان سان نه رڳو آبادگارن جي في ايڪڙ لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي پر ڊيزل ۽ درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ٿيڻ سان قيمتي پرڏيهي ناڻي جي ??چت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادگار پئڪيج تي عملدرآ??د ۽ سڄي ملڪ ۾ زرعي ٽيوب ويل?? جي سولرائيزيشن جي ??والي سان جائزه اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم توانائي واري وزير ۽ سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم پاران ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پيش ڪيل تجويزن کي ساراهيو. هن چيو ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي، حڪومت زراعت جي ??رقي ۽ آبادگارن جي ??وشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، آبادگار پئڪيج ۾ ننڍن آبادگارن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولت، ٻ?? جي وقت سر فراهمي، زراعت ۾ جديد مشينري جي ??وصلا افزائي ۽ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آبادگار پئڪي?? جي حوالي سان سڄي ملڪ جي ??بادگارن جي ??مورين تنظيمن کي مشاورت جو حصو بڻايو وڃي، آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد جي لاءِ صوبن سان مشاورت ۽ تعاون پڻ يقيني بڻايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته کاڄرو تيل جي پيداوار وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي ماهرن جي ڪميٽي جي مشاورت سان جوڙي وڃي. هن ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ۽ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ ٻج متعارف ڪرائڻ جي قدمن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي پاور ڊويزن پاران ٻڌايو ويو ته حڪومت زرعي ٽيوب ويل?? جي سولرائيزيشن جي ??ريعي ڊيزل ۽ بجلي سان هلندڙ ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو حتمي مرحلن ۾ آهي، ان قدم سان ملڪ جي ڊيزل ۽ درآمدي ٻارڻ جي مد ۾ ساليانو 3.61 ارب ڊالر جي ??چت ٿيندي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي آبادگار پئڪيج، ڪڻڪ جي پوکيءَ ۽ پيداوار، ڪپهه ۾ جديد ٻ?? جي تعارف ۽ کاڄرو تيل جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قدمن جي ??والي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ننڍن آبادگارن کي قرضن جي فراهمي ۾ سهولت جي قدمن سان هن وقت 816.5 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ حڪومت ڀاڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي، زراعت ۾ جديد مشينري جي ??ستعمال ۽ ٽيوب ويل?? جي سولرائيزيشن جا قدم کڻي رهي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن جي ڪري هلندڙ سال 6 لک 32 هزار هيڪٽرز تي کاڄرو تيل جي ٻجن جي پوکي ٿي جنهن ۾ ايندڙ سال اضافو متوقع آهي. ڪپهه جي ??والي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جديد نسل جي ٻجن ۽ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ ٻجن کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ عالمي ڪمپنين سان رابطي ۾ آهي ۽ ان تي تمام جلد مثبت اڳڀرائي متوقع آهي. وزيراعظم انهن سمورن قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب، خرم دستگير خان، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي ??لاحڪار احد چيما ۽ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.