اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شمسي توانائي وقت ??ي اهم ضرورت آهي، معيشت جي بهتري ۽ ٻارڻ جي مد ۾ درآمدي بل ۾ گهٽتائي جي لاءِ شمسي توانائي جو فروغ لازمي آهي، شمسي توانائي تي منتقلي ??ان سرڪاري ادارن جي بجلي جي بلن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ شمسي توانائي جي فروغ جي ح??ال?? ??ان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاونين محمد جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته شمسي توانائي صاف ۽ سستي بجلي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي ۽ وقت ??ي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بهتري ۽ ٻارڻ جي مد ۾ درآمدي بل ۾ گهٽٽائي جي لاءِ شمسي توانائي جو فروغ لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نجي سطح تي به شمسي توانائي ??ي استعمال کي فروغ ڏيڻ جي ح??ال?? ??ان ضروري قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ۾ مهانگي ٻارڻ جي جڳهه تي شمسي توانائي ??ان بجلي پيدا ڪرڻ جي ح??ال?? ??ان فريم ورڪ منظور ڪري چڪي آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي هن مهيني جي پڄاڻي تائين شمسي توانائي جي وڏي پراجيڪٽس جي ٽيرف جو تعين ڪري وٺندي جنهن کانپوءِ متبادل توانائي جي ترقي جي بورڊ پاران سيڙپڪارن کان ٻوليون طلب ڪيون وينديون. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شمسي توانائي ??ان بجلي پيدا ڪرڻ جي ح??ال?? ??ان ٽي منصوبا غور هيٺ آهن جن ۾ 1200 ميگاواٽ جو منصوبو ليه ۾ جڏهن ته 600 ميگاواٽ جا منصو??ا مظفر ڳڙهه ۽ تريمون ۾ لڳايا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ح??ال?? ??ان آر ايف پي ۽ بڊنگ جو ڪم تيز تر ۽ شفاف بڻائڻ جي حوايل ??ان سمورا لاڳاپيل کاتا ضروري قدم کڻن. اجلاس کي وزيراعظم جي وفاقي حڪومت جي سڄي ملڪ ۾ موجود عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي ويزن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي ح??ال?? ??ان ماهر ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ سمورن وفاقي ادارن جي لاءِ سينٽرلائيزڊ پروڪيورمنٽ کي اختيار ڪيو وڃي جيڪو موثر ۽ شفاف هجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ شروعات اسلام آباد جي حدن ۾ وفاقي حڪومت جي عمارتن ??ان ڪئي وڃي ۽ بعد ۾ پوري ملڪ ۾ موجود سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گرمي جي موسم شروع ٿيڻ کان اڳ سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي تي منتقلي ??ان سرڪاري ادارن جي بجلي جي بلن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي.