اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري اداڪار ڪاميڊين اسماعيل ت??را جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر اداڪاري ۽ مزاح جي شعبي ۾ اسماعيل ت??را جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر چيو ته ??سماعيل ت??را هڪ سٺو اداڪار ۽ ڪاميڊين هو، هن پنهنجي اداڪاري سان مسڪراهٽون ۽ خواهشون پکيڙيون. صدر ڏکويل خاندان سان همدردي جو اظهار، صبر جميل جي دعا ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.