اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڄم??ن ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر ??سلام آباد ۾ ??رڏ??هي آفيس ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ تقريب منعقد ٿي جڏهن ته هڪ ريلي به ڪڍي وئي جنهن ۾ ??رڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، ??رڏ??هي وزارت جي آفيسرن ۽ عملي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ??رڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته گڏيل قومون ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڪشميري عوام 75 سالن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي آهي، پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان شروع ٿيندڙ ظلم اڄ به جاري آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري کي چيو ته اها ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تان نظرون نه هٽائي.