آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقس??ان پهچي وي?? آهي. قزاخس??ان جي گادي واري شهر آستانه پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو وي??. قازقس??ان جي نائب وزيراعظم نور سلطان بايوف وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ??ڌل وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ آهي. وزيراعظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم 13 آڪٽوبر 2022ع تي سيڪا جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم سيڪا جي اهميت تي روشني وجهندو. سيڪا ايشيائي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪس??ان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ياد رهي ته سربراهي اجلاس اربع کان آستانه ۾ شروع ٿيندو.