اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيا پيسفڪ ملڪن جي بي?? الپارلياماني يونين جي سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي ٻوڏ جي تازين تباهين ۽ ان جي عورتن ۽ ٻارن تي اثرن جي حوالي سان مختصر دستاويزي پر??گرام ڏيکاريو ويو. پارليامينٽ هائوس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ان دستاويزي پر??گرام ۾ ٻڌايو ويو ته متاثر علائقن ۾ هن آفت سان سوين فوتگيون ٿيون آهن، متاثر علائقن ۾ 90 سيڪڙو بي??ل فصلون تباهه ٿي ويون، ٻوڏ جي ڪري وڏي انگ ۾ عورتن، بي??اهن ۽ ٻارن کي مشڪلاتون درپيش آهن، 75 هزار حامل?? عورتن کي هن ئي مهيني ٻارن جي پيدائش جي لاءِ سهولتن جي ضرورت آهي، ٻاهرئين امداد کا??سواءِ ٻوڏ کا?? متاثر عورتون بحال نه ٿيون ٿي سگهن. دستاويزي پر??گرام ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سان 400 ٻار فوت ٿيا، 160 پليون، سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، متاثر معصوم ٻارن جي چهرن تي مسڪراهٽ ۽ زندگي جي رونق بحال ڪرڻ جي لاءِ ريسڪيو ۽ بحالي جي ضرورت آهي.